شڪل خان جماليءَ جي مقبري ۾ٿيل چٽسالي جو ڏيک

شڪل خان جماليءَ جي مقبري ۾ٿيل چٽسالي جو ڏيک

شڪل خان جماليءَ جو مقبرو

شڪل خان جماليءَ جو مقبرو: شڪل جماليءَ جو مقبرو شهدادڪوٽ کان 12 ڪلوميٽر اتر- اولهه طرف ڳوٺ امام بخش جماليءَ ۾ آهي. اصل ۾ هتي ڪافي مقبرا هئا، جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ ڊهي ويا. امام بخش جماليءَ جو مقبرو به نه بچيو. امام بخش جمالي، ڳوٺ جو چڱو مڙس هو.
شڪل جماليءَ جو مقبرو هاڻي به جهريل حالت ۾ آهي ۽ پري کان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن مقبري جي اڏاوت لاءِ ڪافي روايتون آهن: (1) هي مقبرو شڪل خان پاڻ پنهنجي هوندي ٺهرايو هو جو پاڻ ڳوٺ ۽ راڄ جو چڱو مڙس هو. (2) هي ريڍار هو ۽ پنهنجي حياتيءَ ۾ مقبرو جوڙايائين ۽ (3) هي خدا وارو ماڻهو هو. گهڻو ڪري جهنگ ۾ عبادت ڪندو هو. سندس پوين سندس مقبرو جوڙايو.
هتان جي مقبرن جي خاصيت آهي ته مقبرن ۾ سنڌ جون لوڪ ڪهاڻيون تصويري صورت ۾ چٽيل موجود آهن. جن ۾ سسئي پنهون، مومل راڻي، سورٺ راءِ ڏياچ جا قصا چٽيل ملن ٿا ۽ نهايت خوبصورت انداز ۾ اهي قصا چٽيل آهن. سنڌ ۾ ٻين مقبرن ۾ هن قسم جا چٽ نه ٿا ملن. شڪل خان جي مقبري ۾ به مومل راڻو ۽ سورٺ راءِ ڏياچ جون ڪهاڻيون چٽيل آهن.
هتي صوبدار خان، سعيد خان، ريحان خان ۽ شڪل خان جا مقبرا موجود هئا جن مان 3 مقبرا بچيا آهن. شڪل خان جو مقبرو چورس رٿ ۾ آهي ۽ چُن سان اوساريل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو